سنڌ جي صوبائي اسيمبليءَ جو ڪردار
۱۔ عوام جي خواهشن، انهن جي امنگن، خاص ڪري عام عوام جي ضرورتن مطابق انهن جي نمائندگي ڪرڻ۔
۲۔ پنهنجي ميمبرن مان صوبائي حڪومت (انتظاميه)ٺاهڻ۔
۳۔ صوبي سنڌ لاءِ نوان قانون ٺاهڻ / پراڻن قانونن ۾ ترميم ڪرڻ / انهن کي ختم ڪرڻ۔
۴۔ انتظاميه جي پاليسين، خدمتن جي فراهمي ۽ سرڪاري خرچن جي نگراني ڪرڻ ته جيئن اهو جانچي سگهجي ته اهي اثرائتا، ڪارائتا آهن ۽ قيمتي عوامي وسيلن جو بهترين استعمال ٿي رهيو آهي يا نه۔
۵۔ بجيٽ جي اجازت ڏيڻ، ان جي جانچ پڙتال ڪرڻ ۽ ان جي منظوري ڏيڻ۔
۶۔ عوامي اهميت وارن مسئلن تي بحث ڪرڻ۔